سنڌو راج

سنڌو راج: مهاڀارت جي زماني ۾ هندن جي اعتبار موجب دُوئاپر يُگ ۾ ’سنڌو ديش‘ ۾ هڪ ناميارو ۽ هاڪارو راجا ’ورڌڪشتر‘ راج ڪندو هو. کيس پُتررتن (فرزند) پراپت ٿيو، جنهن جو نالو ’جئدرٿ‘ رکيو ويو. جئدرٿ پڻ پنهنجي پيءُ وانگر سنڌ تي حڪومت ڪئي جنهن ڪري کيس ’سنڌو راج‘ پڻ چيو وڃي ٿو. جئدرٿ جي جنم وقت آڪاش واڻي (آسمان مان آواز آيو) ٿي ته: ”هي راجڪمار ڏاڍو پُرسڌ ٿيندو ۽ هي يُڌسيتر (جنگ جو ميدان) ويرگتيءَ (شهيد) کي پراپت ڪندو ۽ سرڳ ڌام پائيندو. جنگ جي ميدان ۾ سندس سر اهو وير ڪٽيندو، جو سڀني جڳن جي جوڌن جي پهرئين قطار ۾ پرسڌ هو.“ جئدرٿ ننڍپڻ ۾ ڪورَوَن ۽ پانڊون سان گڏ گرو دروڻاچاريه وٽ وديا ۽ آستروديا (علم ۽ جنگي فن) جي سکيا ورتي هئي. جڏهن هي ساماڻو، تڏهن سندس والد ’ورڌڪشتر‘ پنهنجي جوان پٽ کي راڄ جون واڳون سونپي، پاڻ وڃي جهنگل ۾ تپسيا ڪرڻ لڳو. تپسيا جي سمي ’ورڌڪشتر‘ جنهن ميدان ۾ ننڍڙو آشرم جوڙي تپ ڪرڻ لڳو، انهيءَ ميدان تي بعد ۾ ’ڪروُڪ شيستر/ ڪروکيتر‘ جو نالو پيو، جتي ڪورَوَن ۽ پانڊوَن وچ ۾ مهاڀارت جي جنگ لڳي هئي. راجا جئدرٿ سُور داس راجا ڌرتراشٽر جو ناٺي (نياڻو) ۽ ڪوَرون جو ڀيڻويو هو. جڏهن مهاڀارت جي جنگ لڳي تڏهن هو ڪوَرون جي پڪش (طرف) کان وڙهيو. راجا جئدرٿ هڪ جوڌو ۽ وير، سورمو ۽ نيتي وان راجا ٿي گذريو آهي. هي ارجڻ (پانڊوَ) جي مقابلي ۾ ٻلوان ۽ استر شستر وديا جو وڏو ڄاڻو ۽ جوڌو هو. ڪورون جڏهن ’ارجڻ‘ ۽ سُڀدرا‘ جي پٽ ’اڀيمنيو‘ کي ڊوهه ڪري جنگ جي ميدان ۾ گهيرو ڪيو، تڏهن راجا جئدرٿ انهيءَ سازش جو ساٿ ڏئي ’اڀيمنيو‘ جو قتل ڪيو. لڳي ٿو ته اُن زماني ۾ پڻ جنگ جي ميدان ۾ اهڙيون چالبازيون عام جام هيون ۽ سُورما پاڻ کان وڏي جوڌي کي گهيرو ڪري، پوءِ اُن تي غالب ٿيندا هئا. اڀيمنيو جي قتل کانپوءِ ارجڻ کي دلي ڏک رسيو، ڇو ته هُو هڪ اهڙو جوڌو هو، جو اڪيلو ئي ڪوروَن جي ڪيتري ئي سئنا تي غالب بڻجي ويندو هو. ارجن راجا جئدرٿ کان پنهنجي پُٽ جي موت جو بدلو وٺڻ لاءِ پرتگيا ڪئي. مهاڀارت جي جنگ جي چوڏهين ڏينهن ارجڻ ۽ راجا جئدرٿ جي وچ ۾ وڏي خونخوار جنگ لڳي، جا انتهائي ڳنڀير روپ اختيار ڪري وئي. نيٺ شام کان اڳ ۾ ارجڻ، راجا جئدرٿ جو قتل ڪري پنهنجي پرتگيا پوري ڪئي. راجا جئدرٿ جي مارجڻ کانپوءِ ڪورون جي هڪ وڏي طاقت ٽُٽي پئي، جنهن جو کين تمام گهڻو صدمو رسيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو